راهمون مراد علي

راهمون مراد علي

مراد علي راهمون پروفيسر

مراد علي راهمون،پروفيسر: نامور ليکڪ ۽ محقق مراد علي ولد محمد حيات راهمون، 1 جون 1960ع تي ڳوٺ ڪيرلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ ۽ انٽر عمرڪوٽ مان، بي. ايس. سي شاهه عبداللطيف ڪاليج ميرپورخاص مان ۽ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪيائين. هن مخدوم مهري دل (پُراڻ واري) جي تفسير ’رغبت الطالبين‘ تي تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. مراد علي راهمون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو مقرر ۽ مذڪراتي فيچر رائٽر به رهيو، جڏهن ته پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تان نشر ٿيندڙ پروگرام ’رسالي‘ ۾ ڪتابن تي تبصرا پيش ڪندو رهيو. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا ڪتاب، نائين ۽ ڏهين جي اسلاميات (ترجمو) ۽ سماجي اڀياس درجو ٽيون (ضلعو عمرڪوٽ) سندس تصنيف ڪيل آهن. ان کان سواءِ سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ’تعليم الاسلام‘ دعوة اڪيڊمي، بين الاقومي اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد مان 1989ع ۾ ڇپيو. هن ٿر جي تاريخ ۽ آثارِ قديمه بابت ڪيتريون ڊاڪيومينٽريون تيار ڪيون، جيڪي مختلف نجي چينلن تان نشر ٿيون. مراد علي ’ايشيا فائونڊيشن‘ ۽ ’ٻانهن ٻيليءَ‘ جي طرفان سنڌ سطح تي نوجوانن ۽ اليڪشن عملي جو ٽرينر به رهيو. ان کان سواءِ ٽه ماهي ’مهراڻ‘، ماهوار ’وينجهار‘ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪيترا علمي ۽ تحقيقي مضمون پڻ لکيائين. هو ٿر ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن جي تحقيقي ۽ سماجي ڪمن ۾ سهڪاري رهيو. سنڌ مسلم آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج، ڪراچيءَ مان اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان 2000ع ۾ رٽائر ٿيو، جنهن بعد ڪجهه وقت ڊسٽرڪٽ زڪوات آفيسر (عمرڪوٽ) ۽ ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر (اڪيڊمڪ ۽ ٽريننگ) ميرپورخاص رهيو. هن 09 جولاءِ 2021ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.06.01  عيسوي

نامور ليکڪ ۽ محقق مراد علي ولد محمد حيات راهمون، 1 جون 1960ع ۾ ڳوٺ ڪيرلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش شاهه فدوي
غلام عمر عباسي شھيد
ثريا 1
محمد رفيق بلوچ
شرف الدين خطاط
ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر
چارلس اوليونٽ
زوار بسنت
سيد محمد مراد شاهه
ابڙو نصرت حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون